پاڪستانسنڌ

ذوالفقار ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي اکاري تي پنهنجي اجلاس ۾ 5 جولاءِ 1977ع تي ذواالفقار علي ڀٽو جي چونديل عوامي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي خلاف هڪ مذمتي ٺهراءُ گڏيل طور تي پاس ڪري ورتو، رٿ پيپلزپارٽي جي عورت ميمبر هير سوهو پاران پيش ڪئي وئي هئي. ٺهراءُ تي ڳالهائيندي صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي جمهوري جدوجهد تي کيس شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته 5 جولاءِ قومي تاريخ ۾ هميشه هڪ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. ٺهراءُ جي محرڪ هير سوهو چيو ته پيپلزپارٽي جي چونڊيل حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ملڪ ۾ 11 سالن تائين مارشل لا رهي ۽ هن پوري عرصي ۾ پاڪستان ۾ جبر ۽ ڏاڍ جي حڪومت هئي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي بي جي شهادت جي ڪري اڄ جمهوريت زنده آهي، گرين پاسپورٽ به ذوالفقار علي ڀٽو جو تحفو آهي ايٽمي قوت سبب اڄ اسان دشمن سان اکين ۾ اکيون وجهي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button