سنڌ

آديش ڪمار بازياب نه ٿيو،مختلف شهرن ۾ مظاهرا،اڄ هڙتال جو سڏ

راڻيپور پوليس 10 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل نينگر آديش ڪمار کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هوڏانهن نينگر جي اغوا خلاف ڪالهه راڻيپور ۾ جساف جي سڏ تي ڪفيل حيدر سولنگي، قلب عباس سولنگي، ساجد سولنگي، عباس رضا سولنگي، نادر ڀيلار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ڪنڊيارو ۾ جسقم جي سڏ تي هارون ڪلهوڙو، امداد ڪليري، نويد گهانگهرو، زاهد ملاح، مجيب اڄڻ ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. لاڙڪاڻو ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، عزيز الرحمٰن شيخ، فراز کهاوڙ، طارق ڪورائي، راحب سومرو، شاهد لانگاهه، عابد جتوئي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم آديش ڪمار، پريا ڪماري، جنيد بکراڻي کي اغوا ڪرڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي والي ڏنو سنڌي، امتياز سنڌي، سبحان سنڌي، بشام سنڌي، حفيظ سنڌي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي. حڪمران ۽ پوليس خاموش تماشائي بنيل آهي. معصوم آديش ڪمار 10 ڏينهن کان اغوا آهي. معصوم پريا ڪماري ۽ جنيد بکراڻي پڻ لاپتا آهن. سنڌ ۾ هر ڏينهن ۾ نوان نوان واقعا پيش اچن ٿا، جنهن جا ذميوار حڪمران آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button