سنڌ

سڪرنڊ ۾ پيءُ معصوم ٻارن کي گهران ڪڍي ڇڏيو، احتجاج

سڪرنڊ جي ڳوٺ مير خان لغاري جي رھواسي ٻارن ڪليم الله خاصخيلي، سميع الله، ابراهيم، صفيان، سائلان، طاھرہ ۽ ٻين پنهنجي پيءُ جي مبينا ناانصافين خلاف نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هنن دانهيو ته اسان جو والد ظھور احمد نشو ڪري اسان تي ۽ اسان جي ما تي تشدد ڪري ٿو. 2 ڏينهن اڳ اسان کي پنھنجي پيءُ گھران تشدد ڪري ڪڍي ڇڏيو، جنهنڪري اسان دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهيون. ڪير به اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ھنن چيو ته ڪالھه گھر وياسين ته پيءُ ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن ٻيھر منھنجي گھر آيا ته قتل ڪري ڇڏيندس. ھنن چيو ته اسان اھڙي شڪايت سڪرنڊ ٿاڻي تي ڪئي، حد جي پوليس اسان جي مدد ڪرڻ بدران اسان کي جواب ڏئي ڇڏيو. ھنن مطالبو ڪيو ته اسان کي ظالم پيءُ مان تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي ۽ گهر ۾ رهڻ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button