سنڌ

خيرپور ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو،گهٽيون ۽ رستا ٻڏل

خيرپور جي پنج گلا چوڪ، ڇٽي چوڪ، مريم توب، ٻٽڙا پاڙو، لقمان، شيشم ڪالوني، ڳاڙهي پل، خاڪي شاهه پل، نم موڙ، سول اسپتال روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل ڏينھن پيل برسات جو پاڻي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، جنهن سبب برسات ۽ نالين جو پاڻي گهٽين ۾ تلا جيان بيهي رهيو آهي. جنھن ڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان ڏس ۾ شھرين منور سيلرو، بچل شيخ، اسد جلباڻي، خليل ميتلو ۽ ٻين ٻڌايو ته ضلعي انتظاميه، پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي نااھلي سبب اڳ ۾ نيڪاسي جو نظام صحيح نه هجڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين جو گندو پاڻي اوور ٽاپ ٿي گهٽين ۾ وهندو هو، ويتر برسات جو پاڻي گهرن، گهٽين ۽ رستن ۾ جمع ٿيڻ ڪري بدبو پکڙجي وئي آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته جلد شھر جي صفائي ڪرائي برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. جڏهن ته گذريل ڏينهن پيل برسات ۽ ھوا سبب خيرپور جي پنج گلا چوڪ تي قائم سچل شاپنگ سينٽر جي دڪانن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيون، دوڪان بند ھجڻ ڪري ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button