سنڌ

ڪينجهر ڍنڍ تي 500 ميگاواٽ پاڻي تي ترندڙ شمسي بجلي گهر ٺاهڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت ڪينجهر ڍنڍ تي پاڪستان جو پهريون 500 ميگاواٽ پاڻي تي ترندڙ شمسي بجلي گهر ٺاهڻ جو منصوبو جوڙي ورتو. توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ مطابق 500 ميگاواٽ جو پاڻي تي ترندڙ پاڪستان جو پهريون شمسي بجلي ٺاهڻ جو منصوبو ڪينجهر ڍنڍ تي جلد شروع ڪيو ويندو فلوٽنگ سولر پاور پراجيڪٽ منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ جو ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ اميد آهي ته منظوري جي مرحلن مان گذري هي منصوبو ٻن سالن ۾ بجلي ٺاهڻ شروع ڪندو. توانائي واري وزير چيو ته پاڪستان پهرين ۽ منفرد فلوٽنگ سولر پاور پلانٽ جي منصوبي سان نه صرف 500 ميگاواٽ ماحول دوست بجلي پر لوڊشيڊنگ به گهٽجي ويندي ۽ صوبي ۾ روزگار جا موقعا اچڻ سان گڏ ڪينجهر ڍنڍ تي سياحت کي هٿي ملندي، هن چيو ته 500 ميگاواٽ ماحول دوست بجلي جو هي منصوبو سنڌ حڪومت جي ڪاميابين جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، جڏهن ته گو ڪمپني پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هن منصوبي ۾ 40 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button