سنڌ

خانپورمهر ڀرسان قاضي واهه کي 100 فوٽ گهارو،فصل پاڻي هيٺ

خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڄام خان گڏاڻي وٽ قاضي واهه کي 100 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تي پوکيل ڪمند ۽ وونئڻن جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن ته پاڻي جو تيز وهڪرو ڀرپاسي جي گهرن طرف وڌڻ لڳو ته ڳوٺاڻن ۾ خوف ڇانئجي ويو. قاضي واهه کي گهارو لڳڻ جو اطلاع آبپاشي عملي کي ڏنو ويو پر آبپاشي عملو دير سان پهتو، جنهن کانپو ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي عملي ڪرين مشين سان گهارو بند ڪري ورتو. ان حوالي سان متاثر ڳوٺاڻن چيو ته قاضي واهه جا ڪپر ڪمزور هئا، جنهن لاءِ آبپاشي کاتي وارن آڏو دانهون ڪيونسين پر اسان جي دانهن تي ڪنهن به ڌيان ناهي ڏنو. نيٺ قاضي واهه کي گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button