سنڌ

نفيس نگر جي واپاري کان ڦر خلاف شٽربند هڙتال، ڌرڻو

نفيس نگر جي واپاري کان 10 لک رپين جي ڦر ٿيڻ خلاف شهرين توڙي واپارين شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو. رپورٽ موجب ٻه ڏينهن اڳ ڊگهڙي جي نجي بئنڪ مان رقم ڪڍرائي واپس ايندڙ نفيس نگر جي مرچ ۽ ڦٽي جي واپاري غلام مصطفي گرگيز کان ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد ميرپورخاص مٺي روڊ تي ٻن هٿياربندن 10 لک رپيا ڦر ڪيا هئا، واقعي خلاف نفيس نگر جي شهرين توڙي واپارين شٽربند هڙتال ڪري نظير گرگيز، امير حسن گشڪوري، مصطفي گرگيز، نواز ٽنگڙي، علي غلام ٽنگڙي، علم دين گرگيز، سانوڻ اوٺو، ڪانجي ڀيل ڪرشن ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مين چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. شهرين ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ واپاري کان ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد مان ڏينهن ڏٺي جو 10 لک رپين جي ڦر ٿئي هئي پر حد جي پوليس اڃان تائين ڪوبه ٻوٽو ناهي ٻاريو، بدامني وڌڻ سبب ڪاروبار ڪرڻ انتهائي مشڪل بڻجي ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته ڦورو ٽولي خلاف قدم کڻي ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو. ٻئي طرف ايس ايڇ او ٽنڊو جان محمد جنيد ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button