سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو وياج خورن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي سول لائين ٿاڻي جي حد حيدري پاڙي جي رهواسي پورهيت وياج خورن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيوز پورهيت غلام سرور نوحاڻي دانهيندي چيو ته سال اڳ مجبوري ۾ شهر جي ٽن وياجين حسيني عمراڻي، صدر سيال ۽ نظير مغيري کان 70 هزار روپيا وياج تي ورتا، وياج خورن مونکي پيسن جي واپسي لاءِ تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن تي مان پنهنجي هڪ جريب زمين ۽ گهر وڪرو ڪري ڄاڻايل وياجين مان هڪ هڪ وياجي کي 5 کان 6 لک روپيا ڏئي چڪو آهيان پر تنهن باوجود هو مونکي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته مان مسڪين پورهيت آهيان، مزدوري ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان، پر وياجي حسيني عمراڻي، صدر سيال ۽ نظير مغيري جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي وياجين خلاف ڪاروائي ڪري منهنجي جان ڇڏائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button