سنڌ

لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ بار پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ صفدر علي غوري، ايڊووڪيٽ سرفراز جتوئي، ايڊووڪيٽ امان الله لهر، ايڊووڪيٽ بهادر شاهاڻي، ايڊووڪيٽ عامر سوهو، ايڊووڪيٽ شفقت شاھه، ايڊووڪيٽ محمد رفيق منگي، ايڊووڪيٽ ساجد پيرزادو ۽ ٻين وفاقي حڪومت سنڌ مان پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، جڏهن ته سنڌ جي زراعت پاڻي تي آهي، پاڻي وقت سر نه اچڻ سبب هن وقت تائين سنڌ کي اربين روپين جو نقصان رسيو آهي. هنن گهر ڪئي ته هر سال سنڌ کي مئي مهيني ۾ پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ جا آبادگار ۽ هاري وقت سر فصل جي پوکي ڪري سگهن، جنهن سان سنڌ صوبي جي اڪانامي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button