سنڌ

وارهه ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

مدئجي ۽ آسپاس جي مختلف واهن سميت وارهه ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف قمبر شھدادڪوٽ جي آبادگارن جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن محسن قاضي، صابر ڀٽو، فياض ڀٽو، رمضان مگسي، علي بخش، مير خادم حسين حسراڻي، عبدالمجيد، مرتضى لاشاري، سردار مقبول وڌو، علي محمد، عبدالقيوم کوسو، ديدار علي ۽ ٻين با پاس روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته اسان سان ظلم ڪيو وڃي ٿو، ھزارين ايڪڙ زمين غيرآباد بڻجي رھي آهي، پاڻي نه هجڻ سبب اسان هن وقت تائين ساريالو فصل پوکي ناهيون سگهيا. آبپاشي کاتي جي ملي ڀڳت ۽ نااهلي سبب هن وقت تائين اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. خدارا پاڻي ڏيئي بيچيني ختم ڪئي وڃي. آبادگارن چتا ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پاڻي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته چونڊيل نمائندن جو گهيرا ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button