خيرپور ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نينگر سان بدفعلي ۽ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 ڀيرا عمر قيد ۽ اڍائي لک روپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ۾ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڪوٽ پل جي رهواسي 15 سالن جي نينگر عبدالاحد سولنگي کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ ڪيس ۾ جوابدار دلبر چانڊيو مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس 3 ڀيرا عمر قيد ۽ اڍائي لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي کيس سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. جوابدار دلبر چانڊيو 14 مهينا اڳ نينگر عبدالاحد سولنگي کي جنسي زيادتي بعد قتل ڪري لاش ڪيلن جي باغ ۾ اڇلايو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close