سنڌ

عثمان سومري کي هڪ گولي لڳي،پوسٽ مارٽم رپورٽ

حيدرآباد ۾ 15 آڪٽوبر جي صبح قاسم آباد جي نسيم نگر ۾ مختيارڪار ماجد خاصخيلي جي جڳهه مان سندس ملازم عثمان سومرو جو گولي لڳل لاش مليو هو، جنهن جو حيدرآباد سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو هو. ان ڏس ۾ ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ گولي لڳڻ جو مفاصلو نه ٻڌايو ويو آهي ۽ نه وري تشدد سامهون آيو آهي. رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن ڄاڻايو آهي ته مقتول جو موت لاش اسپتال پهچڻ کان 8 کان 12 ڪلاڪ اڳ جو لڳي رهيو هو. نوجوان کي هڪ گولي نڙي مان گذري وڃي کوپڙي مان نڪتي، جنهن سبب موت واقع ٿيو. گولي لنگهڻ سان ساهه جي نالي بند ٿي وئي. جنهن سان دل بند ٿي ۽ موت ٿي ويو. سراج لاشاري رڳو هڪ قتل ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button