سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو يونيورسٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ حمزو جتوئي واسي وقار جتوئي جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي الزام لڳايو آهي ته پوليس زخمي نوجوان جي ڀاءُ کي گم ڪري سندس آزادي لاءِ رشوت گهري رهي آهي. ان حوالي سان مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جي ما ميهر خاتون، ڀيڻ سنبل خاتون جتوئي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي الزام لڳايو ته ٽي ڏينهن اڳ اسان جا نوجوان وقار جتوئي ۽ عارف جتوئي درياهه جي پتڻ تي ويا هئا جتان عاقل پوليس کين گرفتار ڪري لاڪپ ڪرڻ بعد گذريل رات وقار جتوئي کي يونيورسٽي ٿاڻي پوليس حوالي ڪيو جن کيس جڙتو مقابلي ۾ زخمي ڪيو آهي، نوجوان عارف جتوئي جي آزادي لاءِ ايس ايڇ او عاقل لياقت سولنگي 2 لک طلب ڪري رهيو آهي، رشوت نه ڏيڻ تان ٻئي نوجوان کي ھاف فراءِ يا فل فراءِ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جيڪا وڏي انصافي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button