سنڌ

اسان وٽ سسٽم نٿو جوڙيو وڃي،شارٽ ڪٽ اختيار ڪيو وڃي ٿو:اسلم عقيلي

مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو آهي ته اسان جي سماج جو الميو آهي ته اسان وٽ سسٽم نٿو جوڙيو وڃي پر شارٽ ڪٽ ۽ ايڊهاڪ پاليسيون اپنايون وڃن ٿيون. حيدرآباد پريس ڪلب پاران ڏنل چانهه جي دعوت دوران ڪلب جي باڊي ۽ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيليءَ چيو ته اسان وٽ اونرشپ (شين کي پنهنجو ڪرڻ ۽ اپنائڻ) وارو ڪلچر اڀري نه سگهيو آهي. هن چيو ته جپان وٽ قدرتي وسيلا ناهن پر اهو دنيا جو امير ترين ملڪ آهي، سوئيٽزرلينڊ وٽ ناريل جو وڻ ناهي پر اهو بهترين چاڪليٽ ٺاهي ٿو، محفوظ ترين بئنڪ سوئز بئنڪ تصور ڪئي وڃي ٿي پر ان وٽ فوج ناهي. هن چيو ته اسان وٽ جيستائين شين کي پنهنجو ڪرڻ وارو ڪلچر پيدا نه ٿيندو، تيستائين اسان ترقي ڪري نٿا سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button