سنڌ

ميرو خان واسي نائب قاصد جو وڏيري خلاف احتجاج

ميروخان تعلقي جي ڳوٺ بچل مھيسر واسي تعليم کاتي جي نائب قاصد بااثر وڏيري جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نائب قاصد نظر محمد لاشاري پنھنجي پٽ رياض حسين، واجد علي، مختيار ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته مون 3 سال اڳ ڳوٺ واسي ڏنو عرف پکي ڪلهوڙو مون کان 25 هزار قرض ورتو جيڪو بعد ۾ ڳوٺ ڇڏي هليو ويو، اهڙي دانهن مون ٺوف چوسول واسي بااثر وڏيري ايڪسائيز انسپيڪٽر اورنگزيب عباسي کي ڏني، جنهن وٽ فيصلو ٿيو ۽ ان ۾ ڏنو عرف پکي ڪلهوڙو قسطن ۾ پئسا ڏيڻ جي خاطري ڪرائي پر مسلسل پئسا نه ڏيڻ تي مون ان خلاف هفتو اڳ ميروخان ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي. هن الزام لڳايو ته اين سي داخل ڪرائڻ واري ڳالهه تان فيصلو ڪندڙ بااثر وڏيرو اورنگزيب عباسي ڪاوڙجي پيو، جنهن ڪالهه پنهنجي بنگلي تي گهرائي مون کي تشدد جو بڻائي موتمار ڌمڪيون ڏنيون

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button