سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ چور ڪرياني ۽ ٻن درزي جي دڪانن کي ٻهاري ويا

لاڙڪاڻي جي ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ نامعلوم چورن ٻن درزين ۽ ڪرياني جي دڪان جا تالا ٽوڙي ڪپڙن جا جوڙا، روڪ رقم، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي دڪاندارن کي چوري واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد دڪاندارن چوري واري واقعي خلاف ذوالفقار باغ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. دڪاندارن ٻڌايو ته چورن اسان جي ٻن درزين ۽ هڪ ڪرياني جي دڪان جا تالا ٽوڙي هڪ دڪان مان 15 ۽ ٻئي دڪان مان 8 ڪپڙن جا جوڙا، 5 هزار ۽ موبائيل فون چوري ڪري ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button