رتوديرو ۾ پوليس اهلڪار بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. رتيديري جي ٻپڙ پاڙي جي رهواسي پوليس جمعدار زاهد جلباڻي پنهنجي ڀا خالد ۽ پٽ نعمان سميت پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته منهنجا سؤٽ طارق، زبير، انعام ۽ جنيد جلباڻي منهنجي زمين تي قبضو ڪيو آهي، زمين جو کاتو به مون وٽ موجود آهي پر سوٽ بااثر آهن ۽ هو قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. مون اهڙو اطلاع رتيديري ٿاڻي تي ڏنو آهي. هن الزام هڻندي چيو ته هو مونکان 40 لک ڀتو گهري رهيا آهن نه ڏيڻ جي صورت ۾ مونکي، منهنجي ڀا ۽ پٽن کي مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close