سنڌ

سجاول جوڻيجو ۾ پي پي ايڇ آ جي مانيٽرنگ آفيسر کان ڦر

سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳچل پل پوليس چوڪي ويجهو موٽر سائيڪل سوار 3 نامعلوم ھٿياربندن پي پي ايڇ آ جي مانيٽرنگ آفيسر جنيد ساريو کان موٽر سائيڪل، موبائيل فون، روڪ رقم ڦري ويا. ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۾ ٽريڪر سسٽم لڳل ھجڻ ڪري ٽريڪر جي مدد سان پوليس بروقت ڪارروائي ڪري سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪمال سناڻي ۾ ڪمال سناڻي جي گهران ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي، پوليس ھٿيار پڻ ھٿ ڪيا. پوليس ڪارروائي دوران جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button