سنڌ

ڳڙهي ياسين ۾ زال کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڳڙھي ياسين پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي 3 ڏينھن اڳ ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ۾ گاهه نه ڪرڻ جي معمولي ڳالهه تان 15 ورھين جي نوجوان ڀاءُ تحسين ڪاڪيپوٽو کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڏير کي بچائيندڙ پنھنجي زال مومل خاتون کي قتل ڪري نوجوان ڀاءُ تحسين کي زخمي ڪندڙ جوابدار تنظيم ڪاڪيپوٽو کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڳڙھي ياسين رالف پٺاڻ ٻڌايو ته 3 ڏينھن اڳ جوابدار معمولي ڳالھ تان پنھنجي زال کي قتل ۽ ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو ھو جنھن جي گرفتاري لاءِ مسلسل ڪوشش جاري ھئي اڄ ڳُجھو اطلاع ملڻ بعد ڇاپو ھڻي جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪيو آھي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button