سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ موبائيل چوري معاملي تان پوليس ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي جي نظر محلي جي رهواسين موبائيل فون چوري ڪرڻ جي معاملي تان پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پورھيت مختيار کوسو، وزير خاتون، صائمه، سسئي، سعيدان ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان حسين کوسو موبائل ورتي هئي، جيڪا موبائل چوري جي نڪتي آهي، جنهن کان پوءِ حسين کوسو رحمت پور ٿاڻي جي پوليس کي ٻڌايو ته موبائل فون پئسن عيوض ورتي هئي جيڪي نالا پڻ ڏنا پر پوليس تنهن باوجود ٻن ٿاڻن سول لائين ۽ رحمت پور ٿاڻي چڙهائي ڪري حسين کوسو ۽ ان جي ڀاڻيجي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ عورت وزير خاتون کي ڌڪ هڻي زخمي ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ اسان مجبور ٿي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button