سنڌ

ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو نصيرآباد ۾ احتجاج

ڪراچي ۾ بيگناهه قتل ٿيل نوجوان جي وارثن نصيرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. 10 ڏينهن اڳ ڪراچي شاھراهه فيصل الفلاح ٿاڻي جِي حد ۾ چوري جي مبينا الزام هيٺ پوليس جِي موجودگي ۾ شرپسندن بيدردي سان نوجوان علي اڪبر ڦلپوٽو کي قتل ڪرڻ ۽ نوجوان نور احمد کي زخمي ڪرڻ تي سندس وارثن، نصيرآباد جي سياسي، سماجي تنظيمن ۽ ڦلپوٽا نوجوان اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مقتول جِي ما امينا خاتون، ڀيڻ، ريحانا خاتون، ڀاءُ علي گل ڦلپوٽو، ڪامريڊ حبدار چنجڻي، عامر ڪلھوڙو، حفيظ تنيو، حسين مڪه، منصور ڪاٺيو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ زخمي نوجوان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button