سنڌ

نصيرآباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو جو وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاج

نصير آباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. پ پ پ شهيد ڀٽو پاران ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي خلاف نوناري محلي کان آرٿر برانچ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، شيراز پتوجو، ممتاز ڪلهوڙو، ڪامريڊ حبدار چنجڻي، فقير اقبال سومرو، حفيظ تنيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڏهاڙي 500 رپيا اجورو کڻندڙ پورهيت هن ظلم جِي مهانگائي ۾ 2 ويلا کائڻ کان قاصر ٿي ويو آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نئين پاڪستان جِي دعويٰ ڪندڙ حڪمرانن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سندن مطالبو هو ته کاڌي، پيتي سميت عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button