سنڌ

جيڪب آباد ۾ ويم دوران ٻه عورتون فوت، وارثن جو احتجاج

جيڪب آباد جي جمس ۽ سول اسپتال ۾ ٻن عورتن جي فوتگي خلاف وارثن عملي تي غفلت جوا لزام هڻندي احتجاج ڪيو. جيڪب آباد جي ڳوٺ ولي محمد ٽانوري واسڻ رشيدان کي ويم لا جمس اسپتال آندو ويو، جتي عورت ٻار کي جنم ڏيڻ بعد فوت ٿي وئي. عورت جي مڙس سهراب چاچڙ جمس اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ عملي تي غفلت جو الزام هڻندي چيو آهي ته مون پنهنجي زال کي ويم لا جمس ۾ داخل ڪرڻ کانپو رت جو بندوبست ڪرڻ لا ويو هيس ۽ 5 رت جون بوتلون ڏنيون ۽ ٻاهران دوائون پڻ ٻاهران ميڊيڪل تان آڻي ٻار جو جنم ڏيڻ بعد منهنجي زال جي طبيعت بگڙجي وئي، جنهن کانپو جمس انتظاميا سهولتون نه هجڻ تي بهانو بڻائي زال کي لارڪاڻي کڻي وڃڻ لا چيو هو، زال کي لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهيو هيس ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. سهراب چاچڙ جمس انتظاميا جي خلاف ڪارروائي ڪندي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف سول اسپتال ۾ ٺل جي ڳوٺ محمد حسين سرڪي جي حاملا عورت نسيما کي آندو، جتي هن ويم دوران دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button