سنڌ

وارهه ويجهو 5 ڄڻن جي قتل واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو

وارهه ويجهو ڳوٺ جکر وٽ موٽرسائيڪل ڦر جي معاملي تان ڳوٺ نصيرمحمد چانڊيو ۾ پيرا لڳڻ تان بروهي ۽ چانڊيا برادري جي هٿياربندن پوليس جي موجودگي ۾ منهن ماري ٿيڻ ٻعد قتل ٿيل 5 ڄڻن واري واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. وارهه ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ جکر واسي ظهير بروهي کان هٿياربندن موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي بعد بروهي برادري جي ماڻهن پيڇو ڪندي ڳوٺ نصير محمد چانڊيو ۾ پهچي جوابدارن جي گهر ڪئي. اهڙي اطلاع تي پوليس جي پهچڻ بعد جوابدارن ۽ بروهي برادري جي ماڻهن هڪٻئي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا قتل ۽ پوليس جمعدار سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙي اطلاع تي علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو. ٻئي طرف نواب سردار خان چانڊيو ڌرين جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ۽ ڌرين کي اپيل ڪئي ته معمولي ڳالهه تان گهڻو نقصان ٿي ويو آهي، ان لا صبر ڪريو ۽ هاڻي ڪير به ڪو غلط قدم نه کڻي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button