سنڌ

ڪراچي ۾ هاڪس بي تي وڌيڪ 4 نوجوان سمنڊ ٻڏي ويا

هاڪس بي جي سمنڊ ۾ ٻڏل 6 مان چئن ماڻهن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ ٻن ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، شهرين جي ٻڏڻ جي واقعن تي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي، هاڪس بي طرف ويندڙ رستن کي بند ڪيو ويو. تفصيل مطابق ماڙيپور جي علائقي هاڪس بي سينڊسپٽ واري هنڌ تي ڇنڇر جي منجهند سمنڊ ۾ ٻڏي ويل ٻنهي نوجوانن جا لاش ڪڍيا ويا. فوتين جا لاش ايڌي ۽ ڇيپا بحري ٽيم ڪڍي ورتا ۽ ايمبولنسز ۾ سول اسپتال پهچايا، ٻڏي فوت ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ 16 ورهين جي محسن پٽ ظهور ۽ 15 ورهين جي معمون پٽ امداد ڪريم جي نالي سان ڪئي وئي. فوتي نارٿ ڪراچي جا رهواسي هئا، پوليس ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، اهڙي طرح آچر جي صبح هاڪس بي ٽرٽل بيچ تي وهنجندي 4 ڄڻا ٻڏي ويا ايڌي جي ٽيم ٻڏي ويلن مان ٻن ماڻهن جا لاش ڪڍي ورتا، جڏهن ته ٻن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، هٿ آيل لاشن مان هڪ جي سڃاڻپ 25 ورهين جو نهال پٽ عرفان ۽ هڪ اڻڄاتل آهي، جڏهن ته 15 سالن جو فهد ۽ 25 ورهين جي شاهه رخ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي ٻڏي ويل چار ئي ڄڻا لياقت آباد نمبر 10 سنڌي هوٽل جا رهواسي آهن، ايڌي بحري خدمتن واري ٽيم مطابق هاڪس بي ٽرٽل بيچ هٽ نمبر 109 جي ويجهو به سمنڊ ۾ وهنجندي 4 نوجوان ٻڏي ويا، جن مان ٻن نوجوان کي بچايو ويو، ٻڏي ويل ماڻهو لياقت آباد سنڌي هوٽل جي ويجهو رهندڙ ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي پڪنڪ ملهائڻ لاءِ دوستن سان گڏ هاڪس بي آيا هئا. ٻئي پاسي هاڪس بي ۽ ٽرٽل بئچ تي 6 نوجوانن جي ٻڏڻ کان پوءِ پوليس هاڪس بي ۽ ٻين سامونڊي ڪنارن پاران سامونڊي هنڌن ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. پوليس مطابق ڪمشنر جي حڪم تي قلم 144 تحت سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي آهي، فئمليز کي هاڪس بي ڏانهن وڃڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button