سنڌ

پاڪستان اسٽيل مان 10 ارب جو مٽيريل چوري ٿيڻ جو انڪشاف

ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي چوري سامهون اچي وئي. پاڪستان اسٽيل مان اٽڪل 10 ارب رپيا ماليت جو ميٽريل چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، چوري جي جاچ لاءِ وفاقي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ايف آئي اي سان رابطوڪري ورتو. وفاقي وزارت پاران ڊي جي ايف آئي اي کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل جي مختلف ڊپارٽمينٽ ۾ ٿيندڙ چوري ۾ ملوث ماڻهن کي منظر تي آڻڻ لاءِ شفاف ۽ تڪڙي جاچ جي درخواست ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل جي مختلف ڊپارٽمينٽس کان علاوه مين پلانٽ به چورن جي پهچ کان محفوظ ناهي رهيو، جيڪا چوري سيڪيورٽي عملي جي گڏيل صلاح کان سواءِ نٿي ٿي سگهي. پاڪستان اسٽيل جي اندرين جاچ ۾ سينيئر انتظامي آفيسرن جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن، جيڪي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ايف آئي اي کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان اسٽيل ۾ اندروني سطح تي انڪوائري جاري آهي، جڏهن ته انتظاميا کي ڌر بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري سمجهيو ويو ته هي جاچ وفاقي اداري کان ڪرائي وڃي. پاڪستان اسٽيل انصاف ليبر يونين (سي بي اي) پاران 27 جولاءِ 2022 تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزارت کي اماڻيل خط ۾ قومي اثاثي کي چورن کان بچائڻ لاءِ ترت ايڪشن ۽ جاچ جي گهر ڪئي وئي. خط ۾ چيو ويو ته 27 جولاءِ جي رات تي 50 ماڻهن تي ٻڌل چورن جي هڪ ٽولي پاڪستان اسٽيل جي پلانٽ ايريا تي حملو ڪري ڏنو ۽ اربين رپيا ماليت جو ٽامو کڻي فرار ٿي ويا، ان سموري ڪارروائي ۽ گذريل چورين ۾ سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ، ڪانٽريڪٽ ۽ مستقل ٻنهي قسمن جا ملازم خاموش تماشائي بڻيل رهيا، تنهنڪري ضروري آهي ته انهن چورين جي اعليٰ سطح تي جاچ ڪرائي وڃي. سي بي اي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزارت کان گهر ڪئي ته پاڪستان اسٽيل ۾ انتظامي ۽ مالي بيقاعدگي غفلت ۽ منظم چورين ۾ سهولت ڪارن سان بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ مئنجمينٽ جي خلاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ هن قومي اثاثي کي لٽيندڙن کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي. واضح رهي ته پاڪستان اسٽيل جا نقصان، قرضن ۽ رهتن جي ڪل ماليت جون 2022 تائين 650 ارب رپيا ٿي چڪي آهي ۽ ڳري ماليت جي چورين جي ڪري انهن نقصانن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button