اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول 3 رپيا 55 پئسا في لٽر سستو،ڊيزل 8 رپيا 95 پئسا ۽ گاسليٽ 4 رپيا 62 پئسا مهانگو

اسلام آباد:وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 55 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ ڪيو ويو آهي، جيڪي رات 12 وڳي کان ئي لاڳو ٿي ويون آهن.ناڻي واري وزارت موجب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول 3 رپيا 5 پئسا في لٽر ۽ لائيٽ ڊيزل 12 پئسا في لٽر سستو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 95 پئسا في لٽر ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 4 رپيا 62 پئسا في لٽر واڌ جو اعلان ڪيو آهي. تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جو اگهه 227 رپيا 19 پئسا في لٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل 191 رپيا 32 پئسا في لٽر تي پهچي ويو آهي. ٻئي طرف حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ ڊالر جي سراسري ريٽ جو فارمولو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن جي طريقي ڪار لاءِ پيٽروليم ڊويزن جي تجويز جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي هڪ هفتي ۾ پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ جي ٻين آپشنز تي به ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان سان گڏوگڏ گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جي اگهن کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ تجويزون گهري ورتيون. اجلاس ۾ اي سي سي پي ايس او جون رهتون جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ناڻي واري وزارت موجب اهو فيصلو تيل ۽ گئس جي سپلاءِ چين جي تسلسل ۽ پي ايس او کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ ڪيو. اي سي سي پي ايس او لاءِ 30 ارب رپين جي ضمني گرانٽ جي به منظوري ڏني، پاور ڊويزن پهرين آگسٽ تي 20 ارب ۽ 14 آگسٽ تائين 12 ڏهائي 8 ارب رپيا ادا ڪندو. اي سي سي ايف بي آر کان هڪ هفتي ۾ 30 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جون تجويزون به طلب ڪري ورتيون. ٻئي طرف ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته تحريڪ انصاف ملڪ کي ڏيوالو ڪري ڇڏي وئي، تنهن ڪري ملڪ بچائڻ لاءِ اسان سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته رپئي تي دٻاءُ جلد ختم ٿي ويندو ۽ معاملا آسان ٿي ويندا، ٽن مهينن ۾ اهڙو ڪو ڪم نه ڪيو، جنهن سان رپئي جو قدر گهٽجي، عمران خان ملڪ کي ڏيوالي ۾ ڇڏي ويو پر اسان پاڪستان کي بچايو، عمران خان پڇي ٿو ته ذميوار ڪير آهي؟ ذميوار توهان آهيو. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ٽيڪس ڪليڪشن ۾ گهٽتائي آئي، خان صاحب آءِ ايم ايف سان واعدو ڪري ٽوڙيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي ويو، اسان ڏکيا فيصلا ڪيا، ڇو ته عمران خان ملڪ کي ڏکي صورتحال ۾ ڇڏي ويو، هن مهيني جي بجلي بل ۾ اپريل جي فيول ايڊجسٽمينٽ آئي ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button