سنڌ

ڪراچي ۾ ٻھ نوان سي واٽر ڊيسيلينيشن پلانٽس لڳائڻ جي منظوري

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ شھر لاءِ پاڻي جي گھرج کي ڏسندي 5 ايم جي ڊي جا ٻھ نوان سي واٽر ڊيسيلينيشن پلانٽس لڳائڻ ۽ ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ (KANUPP) ڀرسان سامونڊي پاڻي صاف ڪرڻ وارو پلانٽ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ان سان شھر جي پراڻي علائقن ۾ وسندڙ ماڻھن ۽ ڊي ايڇ اي کي پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اھا ڳالھھ ھن آچر ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ شھر جي ڪجھھ اھم رٿائن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ سڌسماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ، مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاھھ، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي مرتضيٰ وھاب، چيف سيڪريٽري سھيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، مڪاني ادارن وارو سيڪريٽري نجم شاھھ، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي 20 ملين آبادي جو شهر آهي ۽ ان جي پاڻي واري گھرج 1200 ايم جي ڊي آهي، جنهن جي مقابلي ۾ 655 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح 535 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ آهي. مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (ڪي ڊبليو ايس بي) ڏکڻ ڪراچي ضلعي ۾ صارفين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ 5 ايم جي ڊي گنجائش وارو سي واٽر ڊيسيلينيشن پلانٽ (ايس ڊبليو ڊي ايس پي) قائم ڪرڻ جي اسڪيم تيار ڪئي آهي. ڊسيلينيشن پلانٽ لڳائڻ لاءِ ٽن هنڌن ابراهيم حيدري، عائشه مسجد ڊي ايڇ اي فيز سيون ۽ ويلج ريسٽورنٽ سي ويو ويجهو جي تجويز ڏني وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ابراهيم حيدري ۾ ڪورنگي ڪريڪ تي ڍاري ٻيٽ کان ڏيڍ ڪلوميٽر پري پلانٽ لڳائڻ جي منظوري ڏني. هن پوائنٽ کان حاصل ٿيندڙ پاڻي ڪوسٽ گارڊ چورنگي واري رستي غازي پمپنگ اسٽيشن کي فراھم ڪيو ويندو، جتي غازي پمپنگ اسٽيشن ۾ ڪنھن خرابي يا ٻئي ڪنھن ھنگامي حالتن واري صورت ۾ بيڪ اپ طور تي ھڪ ٻيو پمپنگ واري سھولت موجود آھي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي کي ھدايت ڪئي تھ لياريءَ ڀرسان وڌيڪ 5 ايم جي ڊي ڊيسيلينيشن پلانٽ لڳايو وڃي تھ جيئن لياريءَ کي اتان پاڻي مھيا ڪري سگھجي. ھن مڪاني ادارن واري وزير کي ھڪ پرائيوٽ فرم سان ڳالھائڻ جي پڻ ھدايت ڪئي، جيڪا KANUPP کي پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ 1.2 ايم جي ڊي ڊيسيلينيشن پلانٽ لڳايو ھو. ھاڻي KANUPP پنھنجو پلانٽ لڳايو آھي ۽ ان پلانٽ کي ڇڏي ڏنو آھي. ان کي حاصل ڪري شھر کي پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. مڪاني ادارن واري وزير چيو تھ ھن لاڳاپيل خانگي ڪمپنيءَ سان اجلاس ڪيو آھي ۽ اھي ايس ڊبليو ڊي ايس پي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ تيار آھي. ان تي وڏي وزير ان کي فوري طور تي حاصل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. وڏي وزير ڪورنگي ڪاز وي پل تي ھڪ ڪلوميٽر پل ۽ ڊي ايڇ اي کان ويندي ھڪ ڪلوميٽر ۽ ڪازوي کانپوءِ 200 ميٽر پل جي منظوري ڏني. سيد مراد علي شاھھ پل جي ٽائيم لائن مقرر ڪئي ۽ مڪاني ادارن واري کاتي کي 31 آگسٽ 2022ع تائين تفصيلي ڊزائن مڪمل ڪرڻ، ٻولي ڏيندڙ کي 30 سيپٽمبر تائين قابليت کانپوءِ (بين الاقوامي ٽينڊر)، ٻوليءَ جي جائزو وٺڻ ۽ 31 آڪٽوبر تائين ڪم ايوارڊ ڪرڻ ۽ پھرين نومبر کان تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. واضح رھي تھ ان پل کي پي پي پي موڊ تحت تعمير ڪرڻ جي تجويز ھئي پر ھاڻ اھا 5 ارب رپين جي اي ڊي پي اسڪيم ھوندي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ اضافي 65 ايم جي ڊي پاڻي ھاليجي ڍنڍ ذريعي پپري تائين واھن، پائپ لائن، پمپنگ اسٽيشن ۽ ٻين ضروري ذيلي ڪمن واري مربوط نظام ذريعي آندو ويندو. مڪاني ادارن واري وزير چيو تھ ھن وقت اھو 65 ايم جي ڊي پاڻي ڪينجھر گجو ڪينال کان ڪشش ثقل ذريعي تجويز ڪيل گھارو پمپنگ اسٽيشن تائين پھچايو ويندو، جتان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي فوربي واري ھاءِ پوائنٽ تائين پمپ ڪيو ويندو، جتي نئون فوربي چيمبر تعمير ڪيو ويندو. فوربي کان پاڻيءَ کي پپري فلٽر پلانٽ تائين پھچايو ويندو. جن ڪمن جي تجويز ڪئي وئي آھي (جنرل ورڪس) انھن ۾ چار پيڪجز شامل آھن. پيڪج 1: ھاليجي ڍنڍ کان گھارو پمپنگ اسٽيشن تائين آر سي سي لائنڊ واھھ ۽ آر سي سي نالين جي تعمير، بشمول ڪينجھر گجو ڪينال ۾ انٽيڪ ڍانچي جي تعمير. پيڪج 2: گھارو ۾ مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل ڪمن سميت 65 ايم جي ڊي پمپنگ اسٽيشن جي تعمير. پيڪج 3: گھارو ۾ نئين تجويز ڪيل پمپنگ اسٽيشن کان فوربي تائين 72 انچ ڊائي ايم ايس رائزنگ مين جو وڇائڻ، جنھن ۾ ھاءِ پوائنٽ وٽ نئين فوربي چيمبر جي تعمير. پيڪج 4: فوربي چيمبر کان پپري فلٽر پلانٽ تائين آر سي سي نالي گريوٽي مين کي وڇائڻ. وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي کي ھدايت ڪئي تھ پيڪج ھڪ کان ٽي تائين ڪم ٻيھر شروع ڪيو وڃي تھ جيئن ان رٿا کي جلد از جلد مڪمل ڪري سگھجي. وڏي وزير حب ڪينال اوورھالنگ واري رٿا تي پڻ ڳالھھ ٻولهه ڪئي ۽ مڪاني ادارن واري کاتي کي ھدايت ڪئي تھ رٿا جا سمورا مسئلا پري ڪري ان رٿا تي ڪم شروع ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button