سنڌ

موڪلن ۾ واڌ جي ترديد، سنڌ ۾ تعليمي ادارا اڄ کلي ويندا

تعليم کاتي اونهاري جي موڪلن ۾ واڌ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته تعليمي ادارا شيڊول مطابق پهرين آگسٽ کان معمول مطابق کلندا، موڪلن ۾ واڌ جو خبرون بي بنياد آهن. صوبائي وزير سوشل ميڊيا تي اسڪولن جي موڪلن ۾ واڌ جي حوالي سان هلندڙ خبرن جي ترديد ڪرڻ لاءِ وضاحتي بيان جاري ڪيو. سردار شاهه چيو ته تعليمي ادارا شيڊول مطابق پهرين آگسٽ کان کلندا، موڪلن ۾ واڌ جون خبرون بي بنياد آهن، ڇو ته اونهاري جون موڪلون 31 جولاءِ آچر تي ختم ٿي ويون آهن. هن چيو ته ٻارڙن جي پڙهائي جو پهريان ئي نقصان ٿي چڪو آهي. وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون، سوشل ميڊيا تي تعليم کاتي جي نالي سان هلندڙ خبرون غلط آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button