سنڌ

کيبراڻي ڀرسان حادثي ۾ 2 گل ڪومائجي ويا

ٽنڊوآدم حيدرآباد روڊ تي کيبراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رشيد کيبر لڳ ٽنڊوآدم کان ڪراچي ويندڙ ڪار ۽ مسافر ويگن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽنڊوآدم جي مشهور صنعتڪار ميان محمد ناظم آرائين جي ڀائٽي ميان وليد آرائين جا 2 معصوم ٻارڙا 3 سالن جي ماهنور ۽ ٻن ورهين جو ميان محمد موسى آرائين ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ ميان وليد آرائين، سندس زال جويريا سميت ويگن ۾ سوار 5 مسافر محمد اسحاق چانڊيو، اڪرم چانڊيو، غلام حيدر چانڊيو ، راشد چانڊيو ۽ ساجد جٽ زخمي ٿي پيا،

ٻن فوتي ٻارڙن ۽ زخمي ٿيل ميان وليد ۽ سندس گهرواري کي علائقي واسين ٽنڊوآدم جي خانگي اسپتال سليمان روشن ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران ٻنهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button