پاڪستانسنڌ

ٺٽو ۾ مسلم ليگ ن جو مهانگائي خلاف احتجاج مظاهرو

ٺٽو ۾ مسلم ليگ ن مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي منظور خشڪ، عباس عطائي، الھورايو قاضي، ناٿو ڪنڀار ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ جڏهن کان نيازي حڪومت آئي آھي تڏھن کان تيل جو قيمتون وڌائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، حڪمران ملڪ کي لٽڻ ۾ مصروف آھن. ھنن چيو ته مھانگائي سبب گاڏيون ھلائڻ مشڪل بنُجڻ ڪري اسان احتجاجن طور گڏھه گاڏي تي چڙھي سفر ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي. ھنن گھر ڪئي ته تيل جون قيمتون گھٽائي مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف مھيا ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button