سنڌ

نئون ديرو جي بلاول ڀٽو ڪالوني مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

نئون ديرو شهر جي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي نالي سان منسوب 400 گهرن تي مشتمل بلاول ڪالوني ۾ ٻه کان ٽن فوٽن تائين بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ڪيترائي گهر ڊهڻ سبب ماڻهو دربدر ٿي ويا، جڏهن ته ڪالوني ۾ ويٺل ماڻهو پاڻي جهاڳي ڪم ڪار لا اچن وڃن ٿا، پاڻي ڪيترن ئي ڏينھن کان پاڻي بيهڻ ڪري بدبو ڦهلجي وئي، جنهن ڪري مڇرن، خارش ۽ مليريا ۾ رھواسي وٺجي ويا. پاڻي نيڪال ڪرڻ لا انتظاميا ڪي به اپا نه ورتا. مصيبت ۾ڦاٿل رھواسي تي مجبور ٿي روڊن تي نڪري آيا. ان موقعي تي رهواسين شھزاد ميراڻي، غلام رسول ڪڙيو، غلام شبير سپڙو، منور منگي، اوشاق شيخ جي اڳواڻي ۾ باب ذوالفقار آڏو ٽائرن کي باهيون ڏيئي رڪاوٽون رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي، ڪجهه ڪلاڪن بعد متاثر احتجاج ختم ڪري ميونسپل ڪميٽي آفيس پهچي سخت احتجاج ڪيو. جڏهن ته سي ايم او جي آفيس نه پهچڻ تي مايوس ٿي واپس موٽي ويا. ڪنهن به احتجاج کي نه ورنايو. ان موقعي تي رھواسين جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنھن سار نه لڌي آھي، چار سئو گهرن تي مشتمل ڪالوني ۾ ٻن کان ٽي فوٽن تائين پاڻي بيٺل آهي. شھر جي چڱن مڙسن ۽ پ پ اڳواڻن ڏانھن پنڌ ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر ڪير به فرياد ٻڌڻ وارو ناھي، جنھن ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪيو آھي. اسان جا ٻچا خارش، مليريا سميت ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. جنهن ڪري نوٽيس وٺي بلاول ڪالوني مان فوري طور تي پاڻي ڪڍرائي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button