سنڌ

برساتن سبب 12 هزار اسڪول ڊهي ويا،ٽينٽ سٽي اسڪول ٺاهڻ جو اعلان

صوبائي وزير تعليم سنڌ ۽ فوڪل پرسن رين ايمرجنسي عمرڪوٽ سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ برساتن سبب 22 هزار اسڪول متاثر ٿيا آهن، جنهن مان 12 هزار اسڪول بلڪل ڊهي چڪا آهن. 10 هزار اسڪول شاگرد ويهارڻ جي قابل ناهن. اسان وٽ ايترا وسيلا ناهن جو ايترن اسڪولن جي تڪڙن بنيادن تي مرمت ڪرايون. 25 لک شاگرد اسڪولن کان پري ٿي ويا آهن، جن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. سڀاڻي کان پوري سنڌ ۾ ٽينٽ سٽي اسڪول قائم ڪري رهيا آهيون، جيئن شاگردن جي تعليم متاثر نه ٿئي. هن اهڙو اظهار عالمي ۽ مقامي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏجاڻي کانپو پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. صوبائي وزير سردار علي شاهه وڌيڪ چيو ته مختلف عالمي ادارن سان ڳالهائي مدد جي اپيل ڪئي آهي. اسانکي رليف جي ڪمن جي نگراني سان گڏ ٻارن جي تعليم لا به سوچڻو پوندو. برساتن پوري ملڪ کي تباهه ڪيو آهي، اسان پنهنجي وس آهر رليف جو ڪم ڪيون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button