لاڙڪاڻي جي حسيني محلا واسي هڪ هٿ کان معذور پيرسن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن فضل محمد رند دانهيو ته تازو پيل برساتن سبب گهر ڪِري پيو جنهن ڪري گهر ڀاتين سميت کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهيان، يوسي ۾ اڪثر من پسند ماڻهن کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏنو پيو وڃي پر ان لاءِ مون ڪيترائي ڀيرا ڊي سي آفيس ۽ يوسي جي چيئرمين ڏانهن پنڌ ڪري ٿڪجي چڪو آهيان پر هن وقت تائين ڪنهن واهر ناهي ڪئي جنهن ڪري گهر ڀاتين سميت سخت پريشان آهيان. هن بلاول ڀٽو، وڏي وزير سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته راشن، ٽينٽ ڏئي مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close