سنڌ

سکر پوليس هٿان مقابلي ۾ ماريل نوجوان جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

سکر پوليس هٿان مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڳوٺ بخشو شاخ واسي راحب شر جي وارثن بخشا شاخ جي پل تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو. خبر موجب ڊکڻ ۾ سکر پوليس هٿان مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڳوٺ بخشو شاخ واسي راحب شر جي وارثن ڊکڻ مدئجي روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو. مارجي ويل جي پي حضور بخش ماءُ ساجدہ خاتون ۽ زال ميما خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سکر پوليس اسان جي نوجوان راحب شر کي 15 ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيو هو، پوليس 5 لک رپيا رشوت گهري نه ڏيڻ تان نوجوان کي قتل ڪيو آهي، هنن چيو ته اسان جي پنجن ڄڻن صادق شر، ڪليٽر شر، سهيل شر، وسيم شر ۽ راحب شر کي سکر پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي هئي، جن مان هڪ ڄڻي کي قتل ڪري چئن ڄڻن کي گم ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي خدشو آهي ته ٻين نوجوانن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي قتل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button