پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ پورهيتن جو “مزدور ڪارڊ” نه ملڻ خلاف مظاهرو

حيدرآباد ۾ عمارتون توڙي گهر تعمير ڪندڙ مزدورن “مزدور ڪارڊ” توڙي گهربل ڏهاڙي نه ملڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سهيل شاهه، امير علي باغي، جاويد احمد ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد ۾ بلڊرن جي هڪ هٽي سبب ڏهاڙيدار مزدور سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پاران مزدورن لا اعلانيل ڏهاڙي کان به محروم رکيو پيو وڃي. هنن چيو ته حڪومت پاران مزدورن لا “مزدور ڪارڊ” جو اعلان ڪيو ويو هو جيڪو اعلان جي حد تائين ئي محدود رهجي ويو آهي ۽ اسان کي اڄ ڏينهن تائين ڪارڊ ناهي مليو، جڏهن ته مزدورن جي فلاح و بهبود لا حڪومت سنجيدگي اختيار ڪندي نظر نٿي اچي رڳو ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. هنن مطالبو ڪيو ته مزدور ڪارڊ جاري ڪري بلڊرن توڙي لاڳاپيل ادارن کي پابند بڻايو وڃي ته حڪومت جي اعلانيل ڏهاڙي طور مزدور کي رقم ادا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button