سنڌ

”زال جا قاتل گرفتار ڪريو“ لاڙڪاڻي ۾ شڪارپور واسي جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ شڪارپور جي ڳوٺ حاجي ساجن پنهور جي نوجوان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل گهرواري جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي عبدالوحيد پنهور دانهيندي چيو ته 2 مارچ تي افسانه پنهور سان پسند جو پرڻو ڪيو ، شادي بعد بااثر وڏيرن ڪارنهن الزام هيٺ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن ڪري ڳوٺ ڇڏي اسلام آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي پر وڏيري غلام علي ابڙو ۽ ٻين دوڪي سان گهرائي نشو ڏئي گهرواري کي اغوا ڪري قتل بعد لاش شڪارپور جي جهنگ ۾ بنا ڪفن جي دفنائي ڇڏيو. اهڙي واقعي بابت هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد پوليس افسانه جو لاش هٿ ڪري وڏيري غلام علي ابڙو، نظير پنهور، برڪت، سرور، نور محمد، گل نواز، تاج محمد سميت 11 ڄڻن مٿان رستم ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ پوليس ٽن جوابدارن غلام علي ابڙو، نظير پنهور ۽ برڪت پنهور کي گرفتار ڪيو، ٻين جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button