سنڌ

درگاهه ڀٽائي تي پانڌيئڙن کي بنا ويڪسين داخلا تي پابندي

مٽياري ضلعي انتظاميه درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي بنا ويڪسين ڪارڊ جي پانڌيئڙن جي داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. ضلعي انتظاميه حڪم ڏنو آهي ته ويڪسين ڪارڊ ڏيکاري پو درگاهه ۾ ڇڏيو وڃي. درگاهه جي داخلي گيٽن تي ڊاڪٽرن جون ٽيمون به مقرر ڪري زائرين کي ويڪسين لڳائڻ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس طرفان زائرين جا ويڪسين ڪارڊ چيڪ ڪري پو انهن کي درگاهه ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي. درگاهه جي داخلي گيٽن تي ٽيمون مقرر آهن. ويڪسين ڪرائي ڪارڊ وٺي پو درگاهه ۾ وڃي زيارت ڪريو. انتظاميه طرفان اچانڪ اهڙي فيصلي ۽ شرط سبب زائرين پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽرن چيو ته 15 ڏينهن ڏينهن لا ويڪسين مهم شروع ڪئي آهي. اسان پوليس انتظاميه کي چيو آهي ته ڪنهن به زائرين کي واپس نه ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button