سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر ۽ پوليس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڳوٺ غلام رسول جتوئي جي رهواسين بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. محمد هاشم جتوئي گهرواري سائره خاتون، اقبال خاتون، عبدالغفار، غلام عمر جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته 19 سال اڳ ڀورل ڪوش کان 5 هزارن عيوض 10 ويسا پلاٽ خريد ڪيو، جنهن جي ڪجھه حصي تي 3 جڳهون تعمير ڪرايون، 3 مهينا اڳ ڄاڻايل پلاٽ ۽ جڳهون 9 لک ۾ لياقت کوسو نالي شخص کي وڪرو ڪيون آهن. هن الزام لڳايو ته پلاٽ ۽ جڳهون وڪرو ڪرڻ کانپو بااثر سليم ڪوش، الطاف ڪوش، ديدار جتوئي، عاشق جتوئي ۽ ٻين ساڍا 4 لک ڀتو گهريو، جيڪو ڏيڻ کان انڪار تي بااثر خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، هفتو اڳ بااثرن گهر ۾ گهڙي پٽ محمد رمضان کي اغوا ڪري ويا، اطلاع تي پوليس پهچي پٽ کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. هن چيو ته جي پوليس واقعي جي صرف اين سي داخل ڪئي، جڏهن ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ پوليس هڪ لک رپيا رشوت گهري، جيڪا نه ڏيڻ تي هن وقت تائين آريجا ڦيڙو ٿاڻي جي پوليس اغوا جو ڪيس داخل نه پئي ڪري ۽ نه ئي بااثرن خلاف ڪا ڪارروائي پئي ڪري

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button