سنڌ

”نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو“ لاڙڪاڻي ۾ عورتن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي قتل ٿيل نوجوان جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شبانه خاتون، آسيه، ذوليخان، سيمان، صائمه خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گهر اڳيان ويهڻ کان منع تان 13 آگسٽ تي ليڊي اهلڪار ارجمه شاهين جسڪاڻي ۽ سندس ڀائرن گهر تي حملو ڪري نوجوان پٽ سمير بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙو ڪيس دڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو، پوليس ٻن جوابدارن عدالت ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪيو، مک جوابدار ليڊي اهلڪار ۽ سندس ڀائر آزاد آهن. هن چيو ته جوابدار ڌر منهنجي پيرسن پي شمن بروهي، ما زرينه، ڀائرن سميت 8 ڄڻن تي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ سميت پٽ جو قتل ڪيس قمبر ٿاڻي منتقل ڪرايو آهي. هن چيو ته پٽ کي بيگناھه قتل ڪري جهولي خالي ڪئي وئي آهي. هن چيف جسٽس، وڏي وزير، آءِ جي ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button