سنڌ

ڪميشن تي پابندي باوجود نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي:بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند ڪري نوجوانن کي روزگار کان محروم ڪيو ويو آهي پر ان باوجود اسان نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري رهيا آهيون. لاڙڪاڻي شهر سان واسطو رکندڙ شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جا پاڙيسري آهيو ۽ منهنجا سفير ۽ ٻانهون آهيو، منهنجي لاءِ هي لمحا انتهائي قيمتي آهن جو مان انهن ئي گهٽين ۾ اڄ گهمي رهيو آهيان، جتي شهيد ذوالفقار ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو ايندا هئا. اهڙيون ڳالهيون هن لاڙڪاڻي مختلف يوسيز جي عهديدارن پاران الڳ الڳ ڪوٺايل اجلاسن کي خطاب ڪندي ڪيون. هن چيو ته منهنجو اوهان وٽ اچڻ دراصل نسلن سان وفا ۽ انهن رشتن جو تسلسل آهي، هر دور ۾ پ پ ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍيو آهي، پيپلز پارٽي غريب عوام کي آواز ڏنو، مزدورن ۽ هارين کي حق ڏنا، هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان مشڪل ۾ پئجي ويو آهي، ان ڪري اسان جي ذميواري آهي ته ملڪ جي عوام کي مشڪلاتن مان نجات ڏياريون، جڏهن ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت تاريخ جي بلند سطح تي اچي وئي آهي. ٻئي طرف بلاول ڀٽو يوسي 7 شاهو بوراهو پهچي ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪئي، ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي اها دعوى ٿي ڪري ته هو عوام کي روزگار فراهم ڪري ٿي ته اها صرف دعوى نه پر حقيقت آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي عوام مٿان ظلم ۽ زيادتي تي جهڙي طرح آمرن خلاف جدوجهد ڪئي اهڙي طرح هن هٿرادو ٿاڦيل حڪومت خلاف به جدوجهد ڪنداسين. اڄ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ عوامي شرڪت ثابت ڪندي ته قوم هن وقت پيپلزپارٽي سان گڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button