پاڪستانسنڌ

خانڳڙهه جي مهر سردارن ۾ اختلاف ختم ٿيڻ جو امڪان

خانڳڙھه جي مهر سردارن ۾ ڳچ عرصي کان هلندڙ اختلاف ختم ٿيڻ جا چٽا امڪان سامهون اچڻ شروع ٿي ويا. ان ڏس ۾ ڪالهه صوبائي صلاحڪار مير بنگل خان مهر پنهنجي شادي جي دعوت ڏيڻ لاءِ گوهر پيلس پهتو، جتي هن سئوٽ جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر سان ملاقات ڪري شادي جي دعوت ڏني. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر سردار علي گوهر خان مهر وٽ لڙي ويندو. واضع رهي ته 5 نومبر تي صوبائي صلاحڪار مير بنگل خان مهر جي شادي رٿيل آهي، جنهن ڪري مهر سردارن ۾ اختلاف ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button