اسلام آبادپاڪستان

پيمرا ڪالعدم ٽي ايل پي جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي هڻي ڇڏي. پيمرا جي پڌرائيءَ موجب سڀني ٽي وي چئنلن کي ڪالعدم ٽي ايل پي جي ڪوريج کان روڪيو ويو آهي، ايف ايم ريڊيو، ڪيبل آپريٽرز ۽ آءِ پي ٽي وي کي به ڪوريج روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪالعدم ٽي ايل پي جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي ميڊيا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت لڳائي وئي آهي. ميڊيا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ 2015 تحت ڪالعدم تنظيمن جي ميڊيا ڪوريج منع آهي. پيمرا جي پڌرائيءَ موجب گهرو وزارت ڪالعدم ٽي ايل پي کي 15 اپريل 2021 تي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، گهرو وزارت دهشتگردي جي ڪارروائي ۾ ملوث هجڻ تي ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button