اسلام آبادپاڪستان

ٽي ايل پي وارا روڊ خالي نه ڪندا تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون:فواد چوڌري

سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيستائين بندش پيل تنظيم روڊ خالي ۽ پوليس کي شهيد ڪندڙ ڏوهارين کي حوالي نه ڪندي تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته واضح ڪري چڪا آهيون ته جيستائين بندش پيل جماعت جا ماڻهو رستا خالي نٿا ڪن ۽ پوليس کي شهيد ڪندڙ جوابدارن کي ادارن جي حوالي نٿو ڪيو وڃي، ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. محب وطن ماڻهو هن احتجاج کان پاڻ کي پري رکن، پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃن ۽ رياست جي خلاف دهشتگرد جو حصو نه بڻجن. ٻئي طرف پي ٽي وي سينٽرل امپلائيز يونين (مشعل) جي حلف کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري فواد چيو ته ماضي جي حڪومتن ڳرو قرض ورتو، ادارن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. ماضي ۾ ورتل قرض ادا ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري اڄ عام ماڻهو مهانگائي جهڙي ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. پگهاردار طبقو مهانگائي سبب وڌيڪ متاثر آهي. گذريل سال اسان 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو، هن سال 12 ارب ڊالر واپس ڪرڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button