سنڌ

سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي فيسن ۾ واڌ خلاف مظاهرو

سنڌ يونيورسٽي پاران ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي فيسن ۾ 100 سيڪڙو اضافي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شاگردن انصار ٻرڙو، پرديپ گلاب، عامر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي غريب طبقي جي اعليٰ درسگاهه هئي، جنهن ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جو اولاد سستي تعليم حاصل ڪري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو پر ڪجهه عرصي کان انهن کان اعليٰ تعليم جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته تازو سنڌ يونيورسٽي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي فيسن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪري وچولي طبقي جي ٻارن کان اعليٰ تعليم کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هنن چيو ته هڪ طرف حڪمران سنڌ ۾ معياري تعليم جي کوٽ جون دانهون ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف تعليم کي ڪاروبار بڻايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button