سنڌ

ڪشمور ويجهو ڪارنهن تڪرار تان نوجوان عورت قتل

ڪشمور ويجهو ڪارنهن جي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان عورت مارجي وئي. ڪشمور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله مزاري ۾ مزاري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران گوليون لڳڻ ڪري 28 ورهين جي ميهر خاتون ٿڏي تي قتل ٿي وئي، جڏهن ته پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي زخمين کي ڪشمور تعلقا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي ۽ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. قتل ٿيندڙ عورت جي سڃاڻپ 28 ورھين جي ميھر خاتون جي نالي سان ٿي. جڏهن ته زخمين ۾ اعجاز علي، شھزاد علي، رحيم بخش، دلاور، قابل، شامل آهن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button