سنڌ

ڪوٽڙي ۾ مندر مان مبينا چوري، مورتين جي بي حرمتي

ڪوٽڙي جي دريا بند تي قديمي ديوي ماتا جي مندر ۾ نامعلوم جوابدار داخل ٿي مندر ۾ پيل مورتين مان سون جو پاڻي چڙھيل چاندي جون 3 زنجيرون ۽ 25 هزار روڪ کڻي پيتيون ٽوڙي مورتين جي بي حرمتي ڪئي، اطلاع تي ڪوٽڙي ۽ ٿاڻو بولا خان جا اقليتي اڳواڻ مندر پهچي ويا، جڏهن ته واردات جو اقليتن جي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڄامشورو سان فون تي رابطو ڪيو ۽ کائنس واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

هوڏانهن مندر مان ٿيل واردات بعد ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ هندو برادري جي اڳواڻن ڊاڪٽرن ڀون مل، ڊاڪٽر ٽيڪچند، وشنومل ۽ ٻين سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا ۽ ايس ايس پي کي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button