سنڌ

دودو ڀيل ڪيس ۾ پوليس جي چالان رپورٽ رد، قلم 302 بحال

مٺي جي عدالت دودو ڀيل قتل ڪيس مان پوليس پاران خارج ڪيل قلم 302 بحال ڪري سمورن جوابدارن چالان منظور ڪري ورتو. پوليس دودو ڀيل قتل ڪيس مان 302 جو قلم ختم ڪري قلم 322 ۾ تبديل ڪيو هو ۽ عدالت ۾ اهڙي رپورٽ پيش ڪئي هئي پوليس ڪيس جي چالان رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته دودو ڀيل کي ارادي سان قتل نه ڪيو ويو هو پر اتفاق موت ٿيو، انڪري ڪيس 322 قلم تحت چالان ڪجي ٿو، فريادي ڌر جي وڪيل وسند ٿري ۽ ٻين جا دليل ٻڌڻ بعد سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ريجهو مل جي عدالت پوليس جي چالان رپورٽ رد ڪري ڇڏي، عدالت دودو ڀيل جي قتل ڪيس جي سمورن جوابدارن کي قلم 302 تحت چالان جي منظوري ڏيندي وڌيڪ ٽرائل لا سيشن جج جي عدالت ڏانهن موڪلي ڇڏيو، پوليس هڪ مک جوابدار حذيفا ملڪ کي ڪالم 2 ۾ ڪيس مان آجو قرار ڏنو هو، اهو به رد ڪري کيس قتل ڪيس ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button