سنڌ

ڳڙهي حسن ۾ سارين جو اگهه گهٽجڻ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

ڳڙھي حسن ۾ عوامي تحريڪ ڳڙھي حسن جي اڳواڻن پاران گل محمد کوسو، شبير لاکٽي، ظفر ڪنڊراڻي، قاسم کوسو، عمران کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾سارين جو اگھه گھٽ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري باھوکوسو جيڪب آباد مين روڊ تي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته واپارين ھٿرادو ريٽ ٺاھي آبادگارن ھارين کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ شروع ڪري ڇڏيو. سارين جا ٻڄ، ڀاڻ، دوائون مھانگي ترين خريد ڪرڻ باوجود به سارين جو اگهه 1000 کان 1200 سئو ۾ وڪرو ٿي رھيو آھي ۽ غريب آبادگارن سارين ۾ وڌيڪ خرچ ڪري ساريون پوکيون آھن پر ھاڻي غريبن جا خرچ به نٿا لھن. ھنن چيو ته سارين جي اگهھ گھٽ ۾ گھٽ 2000 مقرر ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار وڌيڪ قرضن کان بچي سگھن ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button