سنڌ

جهڏو واسڻ جو مڙس سميت اڳوڻي مڙس ۽ ساهرن خلاف احتجاج

جھڏو جي ڳوٺ انور ڀرڳڙي واسڻ شريمتي پانو ڀيل مڙس ڪيول ڀيل سان گڏ اڳوڻي مڙس ۽ ساھرن خلاف ميرپورخاص ۾ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پانو ڀيل چيو ته پھلاج ڀيل 2 سال اڳ طلاق ڏئي گھران بيدخل ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد ھڪ ھفتو اڳ مائٽن جي مرضي سان ڪيول ڀيل سان ھندو مذهب موجب شادي ڪئي آهي، جنھن تي اڳوڻو مڙس پھلاج ۽ سندس مائٽ پمون، اکو، امرو، ھرچند ڀيل ۽ ٻيا زندگين جا دشمن بڻجي ويا آهن، موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، معاملي جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button